شاهه لطيف اوارڊ

شاهه لطيف اوارڊ

شاهه لطيف اوارڊ تقريب

شاهه لطيف اوارڊ تقريب

شاهه لطيف اوارڊ

شاهه لطيف اوارڊ:
‘شاهه لطيف’ جي نالي سان مختلف عالمن، اديبن، محققن، مصورن، مترجمن، راڳين، سازندن ۽ ملهن کي اوارڊ ڏيڻ جو سلسلو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 1980ع کان شروع ڪيو. هر سال شاهه جي عرس جي موقعي تي، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪندڙن، شاهه جي شارحن، شاهـه کـي مـختلـف ٻولين ۾ ترجـمـو ڪـندڙ شخصيـتن، اديـبن، شـاهه جي راڳ کي مقبول ڪندڙ فنڪارن ۽ سازندن، ڪمپيئرن، بهترين ملهه پهلوانن وغيره کي اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي ملندڙ شاهه لطيف اوارڊن جو سال وار وچور هيٺ ڏجي ٿو:
 1980ع [236هون عرس: صفر 1401هه، سومر 31 مارچ 1980ع]: بهترين راڳي: محمد يوسف کي اوپن ايئر ٿيٽر حيدرآباد ۾ گورنر سنڌ، ايس ايم عباسيءَ هٿان ڏنو ويو.
 1981ع [237هون عرس: 15 صفر 1402هه، 13 ڊسمبر 1981ع]: بهترين راڳي: استاد محمد جمن، بهترين لوڪ راڳي: ڍول فقير، بهترين سازندي: خميسي خان (الغوزه نواز)، خصوصي انعام: وحيد علي ۽ بهترين پهلوان: غلام سرور جتوئيءَ کي اوارڊ، سينيئر وزير حڪومت سنڌ، مير رسول بخش خان ٽالپر ڏنا.
 1982ع [238هون عرس: خميس 15 صفر 1403هه/ 3 ڊسمبر 1982ع]: بهـتريـن راڳـي: عابـده پرويـن، بهتـريـن سازنـدي: الهبچايي کوسي کي سيد غوث علي شاهه، وزير تعليم ۽ ثقافت حڪومت سنڌ، اوارڊ ڏنا.
 1983ع [239هون عرس: سومر 15 صفر 1404هه/ 21 نومبر 1983ع]: بهترين راڳي: فقير عبدالغفور کي لطيف اوارڊ، مظهرالحق صديقي، سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ ڏنو.
 1984ع [240 هون عرس: آچر 16 صفر 1405هه/ 12 نومبر 1984]: بهترين راڳي: مائي ڀاڳيءَ کي گورنر سنڌ، جنرل جهانداد خان اوارڊ ڏنو.
 1985ع [241هون عرس: خميس 16 صفر 1406هه/ 1 نومبر 1985ع]: بهترين راڳي: علڻ فقير کي اوارڊ وڏي وزير سيد غوث علي شاهه ڏنو.
 1986ع [242هون عرس: اڱارو 16 صفر 1407هه/ 21 آڪٽوبر 1986ع]: بهترين راڳي: محمد يوسف، بهترين سازندي استاد فيروز گل کي سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه ڏنا.
 1987ع: [243هون عرس: آچر 17 صفر 1408هه/ 11 آڪٽوبر 1987ع]: بهترين فنڪاره: زرينا بلوچ، بهترين موسيقار: استاد فيروز گل کي ٻيو دفعو اوارڊ به سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه ڏنو.
 1988ع: [244هون عرس: خميس 16 صفر 1409هه/ 29 سيپٽمبر 1988ع]: بهترين راڳي: حسين بخش ‘خادم’ کي شاهه لطيف اوارڊ، سنڌ جي نگران وڏي وزير اختر علي جي. قاضيءَ ڏنو.
 1989ع: [245هون عرس: سومر 16 صفر 1410هه/ 18 سيپٽمبر 1989ع]: بهترين راڳي: موهن ڀڳت، بهترين سازندي: استاد مٺا خان زرداري (گهڙي نواز) کي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا.
 1990ع [246 هون عرس: جمعو 16 صفر 1411هه/ 07 سيپٽمبر 1990ع]: بهترين راڳي: محمد يوسف [ٻيو ڀيرو] ۽ وحيد علي، بهترين منتظم: حميد آخوند، بهترين ڪمپيئر: ممتاز مرزا، بهترين آرگنائيزر: حميد سنڌيءَ کي نگران وڏي وزير، ڄام صادق عليءَ لطيف اوارڊ ڏنا.
 1991ع [247هون عرس: اڱارو 15 صفر 1412هه/ 27 آگسٽ 1991ع]: بهترين خدمتگذار: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي هي اوارڊ، وڏي وزير هالا پهچي، سندس خدمت ۾ پيش ڪيو.
 1992ع [248هون عرس: ڇنڇر 15 صفر 1413هه/ 15 آگسٽ 1992ع]: بهترين راڳي: علڻ فقير [ٻيهر]، خاص اوارڊ: عابده پروين [ٻيهر]، خاص اوارڊ: محمد يوسف [ٽيون ڀيرو] کي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاهه ڏنو.
 1993ع [249هون عرس: خميس 15 صفر 1414هه/ 5 آگسٽ 1993ع]: بهترين راڳي: انور حسين وسطڙي، بهترين سازندي: الهبچايي کوسي کي نگران وڏي وزير سيد علي مدد شاهه اوارڊ ڏنا.
 1994ع [250هون عرس: سومر 15 صفر 1415هه/ 25 جولاءِ 1994ع]: بهترين راڳي: سهراب فقير کي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ‘شاهه لطيف اوارڊ’ ڏنو.
 1995ع [251هون عرس: ڇنڇر 16 صفر 1416هه/ 15 جولاءِ 1995ع]: بهترين راڳي: انور حسين وسطـڙي (ٻيو ڀيرو)، بهترين سازندي: غوث بخش بروهي (بانسري نواز) کي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه اوارڊ ڏنا.
 1996ع [252هون عرس: جمعو 17 صفر 1417هه/ 5 جولاءِ 1996ع]: بهترين راڳي: علڻ فقير [ٽيون ڀيرو]، بهترين اداڪار/ صداڪار: عبدالحق ابڙي کي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ ڏنا.
 1997ع [253هون عرس: آچر 16 صفر 1418هه/ 22 جون 1997ع]: بهترين راڳي: سهراب فقير [ٻيو ڀيرو]، بهترين وڄتي: محمد فقير سرندائي ۽ لطيفي درگاهه جي بهترين راڳي: قربان فقير آزاد کي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ اوارڊ ڏنا.
 1998ع [254هون عرس: جمعو 16 صفر 1419هه/ 12 جون 1998ع]: بهترين محقق: شيخ محمد اسماعيل، بهترين سازندي: الهبچايي کوسي (الغوزي نواز) کي شاهه لطيف اوارڊ سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئي ڏنا.
 1999ع [255هون عرس: اربعا 16 صفر 1420هه/ 1 جون 1999ع]: بهتـريـن راڳـي: جـلال چانڊيـي، بهتـريـن مـصـور: ظـفـر ڪاظمـيءَ کـي
شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2000ع [256هون عرس: آچر 16 صفر 1421هه/ 21 مئي 2000]: بهترين راڳي: چاڪر چانڊيي، بهترين ليکڪ: امر جليل کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2001ع [257هون عرس: خميس 15 صفر 1422 هه/ 10 مئي 2001ع]: بهتـريـن فنـڪـاره: فـوزيـه سـومـرو کـي صوبائي وزير سيد علي مير شاههشاهه لطيف اوارڊ’ ڏنو.
 2002ع [258هون عرس: اڱارو 16 صفر 1423هه/ 30 اپريل 2002ع]: بهترين راڳي: شفيع محمد جمن، محقق جو اوارڊ: امينه خميساڻي [شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو]، بهترين هنرمند: الهه ڏتي کٽي، بهترين درگاهه جي راڳي: فقير جڙيل، بهترين سازندي: الهبچايي کوسي کي [ٽيون ڀيرو] ‘شاهه لطيف اوارڊ’ صوبائي وزير خزانه عبدالحفيظ شيخ ۽ صوبائي وزير علي حسن چانهيي ڏنا.
 2003ع [259هون عرس: جمعو 15 صفر 1424هه/ 18 اپريل 2003ع]: بهترين فنڪاره: مائي الهه وسائي، درگاهه جي بهترين راڳي: الهه ڏني فقير کي شاهه لطيف اوارڊ، سنڌ جي وڏي وزير علي محمد مهر ڏنا.
 2004ع [260هون عرس: خميس 17 صفر 1425هه/ 8 اپريل 2004ع]: بهترين راڳيءَ جو اوارڊ: ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: عطا محمد ڀنڀري [مترجم: شاهه آف ڀٽ]، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: استاد منظور علي خان (مرحوم) کي ڏنا ويا.
 2005ع [261هون عرس: آچر 16 صفر 1426هه/ 27 مارچ 2005ع]: بهترين راڳي اوارڊ: شفيع فقير، بهترين محقق: تنوير عباسي مرحوم [ڪتاب: شاهه جي شاعريءَ جو اڀياس]، شاهه جي بهترين فارسي مترجم: نياز همايوني مرحوم [جي پونيرن کي] شاهه لطيف اوارڊ، وزير ثقافت، حڪومت سنڌ شبير احمد قائمخانيءَ ڏنا.
 2006ع [262هون عرس: خميس 15 صفر 1427هه/ 16 مارچ 2006ع]: بهترين راڳي: محمد حنيف لاشاري، بهترين سازندي: محمد عارب (دنبوري نواز)، بهترين محقق: عبدالغفار گوهر دائودپوٽي، بهترين اردو مترجم: آغا سليم، درگاهه جي بهترين راڳي: کٻڙ فقير، بهترين خدمتگذار اداري: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد [جيڪو ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر فخر بلوچ] کي اوارڊ صوبائي وزير حڪومت سنڌ، قمر منصور ڏنا.
 2007ع: [263هون عرس: اڱارو 16 صفر 1428هه/ 6 مارچ 2007ع]: بهترين ڪلاسيڪي راڳي: استاد فتح علي خان، درگاهه جي بهترين راڳي: فقير گل محمد عرف گلڻ فقير خاصخيلي، بهترين سازندي: محمد عزيز (بينجي نواز)، بهترين محقق: ج. ع. منگهاڻي، خصوصي اوارڊ: انور پيرزادي (مرحوم)، بهترين ڪمپيئر: نصير مرزا، خصوصي اوارڊ: صلاح الدين پنهور کي صوبائي وزير اوقاف حڪومت سنڌ، منظور پنهور ڏنا.
 2008ع: [264هون عرس:آچر 16 صفر 1429هه/24 فيبروري 2008ع]: بهترين راڳي: ماسٽر عبدالله پنهور، درگاهه جي بهترين راڳي: فقير الهڏنو نظاماڻي، بهترين محقق: ٻانهي خان شيخ، بهترين وڄتي: غلام محمد عرف غلامون مڱڻهار (هارمونيم نواز) کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2009ع [265هون عرس: خميس 16 صفر 1430هه/ 12 فبروري 2009ع]: بهترين فنڪاره: حميره چنا، درگاهه جي بهترين راڳي: فقير مير حسن، بهترين موسيقار: استاد نياز حسين، بهترين سگهڙ: محمد ملوڪ عباسي، بهترين محقق: آغا محمد يعقوب کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2010ع [266هون عرس: اڱارو 17 صفر 1431هه/ 02 فبروري 2010ع]: بهترين ڪلاسيڪي راڳي: استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، بهترين فنڪاره: روبينا قريشي، بهترين سازندي: غوث بخش بروهي [الغوزي نواز]، بهترين محقق: محمد ابراهيم جويي، درگاهه جي بهترين راڳي: کٻڙ فقير، بهترين سگهڙ: عبدالرحمان مهيسر، بهترين موسيقار: فيروز گل [ٽيهر] کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا ۽ يادگار شيلڊ: مائي الهه وسائيءَ کي ڏني وئي.
 2011ع [267هون عرس: جمعو 16 صفر 1432هه/ 21 جنوري 2011ع]: بهترين فنڪاره: صنم مارئي، درگاهه جي بهترين راڳي: فقير پير بخش سـومـري، بـهتريـن سـازنـدي: مـحمـد حـسـن سُرندائـي، بهترين سـگهـڙ: وريام فقير شيخ، بي مثال خدمتن تي: سيد نثار حسين شاهه لطيفي (سجاده نشين ڀٽ شاهه) کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2012ع [268هون عرس: 16 صفر 1423هه/ 11 جنوري 2012ع]: بهترين راڳي: ثمينه ڪنول، بهترين سگهڙ: ٻِيڙي فقير، بهترين شاعر: استاد بخاري (مرحوم)، شاهه جي راڳي: سيد ذوالفقار علي شاهه، بهترين سازندي: رام جوڳي (مرلي وڄائيندڙ)، شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم: سيد مشتاق شاهه کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2013ع [269هون عرس: ڊسمبر]: بهترين مترجم اوارڊ: استاد لغاري [شاهه جي رسالي جي سرائيڪي ترجمي تي]، بهترين سگهڙ اوارڊ: لقمان کوکر، صوفي راڳي اوارڊ: جمال الدين فقير، بهترين فنڪار جو لائيف اچيومينٽ اوارڊ: محمد بلاول بيلجم، بهترين شرنائي اوارڊ: عبدالله خان، شاهه جو راڳي اوارڊ: قمبر علي لنجواڻي، بهترين ملهه پهلوان اوارڊ: علي نواز کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2014ع [270هون عرس: ڊسمبر]: بهترين موسيقار ۽ راڳي اوارڊ: عبدالغفور سومرو، بهترين سگهڙ اوارڊ: محمد مٺل جهتيال، بهترين محقق اوارڊ: الياس عشقي [ڪتاب: ’آواز لطيف‘ تي مُئي پڄاڻان]، بهترين موسيقار اوارڊ: نوا زمحمد بچل، شاهه جو راڳي اوارڊ: انور فقير خاصخيلي، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ: سيد صالح محمد شاهه کي شاهه لطيف اوارڊ ڏنا ويا.
 2015ع [272هون عرس: 16 صفر 1437هه/ 29 نومبر 2015ع]: بهترين شاهه جي راڳي اوارڊ: سيد گدا حسين شاهه، بهترين راڳي:
تاج مستانيءَ، بهترين سگهڙ: حاجي علي نواز وڳڻ، شاهه جي رسالي کي انٽرنيٽ تي آن لائين آڻيندڙ جو اوارڊ: عبدالماجد ڀرڳڙي، بهترين سازندي: محمد آچر (ڍولڪ نواز) کي شاهه لطيف اوارڊ ۽ مرحوم صادق فقير [جي پٽن نزاڪت ۽ راحت فقير] کي ‘شاهه لطيف لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ’ صوبائي وزير (صلاحڪار) ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ، محترمه شرميلا فاروقي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن سرفراز راڄڙ ۽ ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف حيدر شاهه ڏنا.


لفظ شاهه لطيف اوارڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو